شفيع محمد ڪرناڻي

شفيع محمد ڪرناڻي

شفيع محمد ڪرناڻي

شفيع محمد ڪرناڻي: ناليوارو قومپرست اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر، شفيع محمد ڪرناڻي ولد صالح محمد، پهرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ صالح محمد ڪرناڻي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1967ع ۾ پرائمري اسڪول هاشم ڀٽو مان، مئٽرڪ 1972ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي مان، انٽر 1975ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽي مان، سول ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ڪاليج نواب شاهه مان ۽ ايم. اي انجنيئرنگ مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1983ع ۾ ڪئي، جڏهن ته ايل. ايل. بي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. هن سياست جو آغاز ٺٽي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪيو ۽ ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان دوران ٺٽي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جو جلسو ڦٽائڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪري گهوڙاٻاري جيل ۾ رکيو ويو. چئن مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. بعد ۾ شفيع محمد ڪرناڻي ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن’ ۾ شامل ٿيو ۽ ٺٽي ضلعي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. هن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن’ يونيورسٽي يونٽ جي عهديدار رهڻ بعد مرڪز ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران شاگردن جي حقن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1983ع ۾ جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ انجنيئر مقرر ٿيو. ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي بعد جساف جا مرڪزي اڳواڻ گرفتار ٿيا ته هن اسٽيل مل جي نوڪري ڇڏي، جساف جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن شهيد دولهه دريا خان جي ورسي ملهائڻ جو رواج وڌو.
ٻيهر ايريگيشن کاتي ۾ سرويئر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ان تان استعيفا ڏئي ٺٽي سب ڊويزن ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران ڪينجهر ريسٽ هائوس ۾ سائين جي ايم سيد کي ترسائڻ جي الزام ۾ کيس نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو. هن ڪجهه عرصو وڪالت پڻ ڪئي، پر پوءِ نوڪرين کي هميشه لاءِ الوداع چئي جيئي سنڌ جو ڪل وقتي سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. سائين جي. ايم. سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ جي ڌڙن کي گڏائي ‘جيئي سنڌ قومي محاذ’ جوڙڻ لاءِ هن متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين، بشير خان قريشيءَ جي گرفتاريءَ بعد قائم مقام چيئرمئن، جئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر ۽ مرڪز جي مختلف عهدن تي رهيو. خان قريشي'>بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر جي وچ ۾ اختلافن سبب مرڪزي باڊيءَ جي استعيفا بعد آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو هن کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ پڻ رهيو. اڳتي هلي ‘جيئي سنڌ تحريڪ’ نالي سان الڳ پارٽي ٺاهيائين، جنهن جو پاڻ صدر رهيو. هن سنڌ جي مسئلن تي سدائين آواز بلند ڪيو، جنهن جي پاداش ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو. خان عبدالغفار خان جي سنڌ ۾ آجيان جي ڏوهه ۾ کيس ڪراچيءَ مان گرفتار ڪري هڪ مهينو سي. آءِ. اي سينٽر ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ڪراچي جيل ۽ پوءِ نارا جيل حيدرآباد ۾ قيد رکيو ويو. ان دوران مٿس ڪيتريون ئي عقوبتون ڪيون ويون. شفيع محمد ڪرناڻي سموري حياتي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. 2015ع ۾ آمريڪا ۾ ڪوٺايل ‘امن ڪانفرنس’ ۾ شريڪ ٿي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت ڀرپور موقف رکيائين.
شفيع ڪرناڻي کي 6 اپريل 2016ع تي ٺٽي ۾ مڪليءَ ڀرسان شرپسند عناصرن گوليون هڻي شهيد ڪيو. سندس زندگي، فڪر ۽ تاثراتن تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘جکري جهڙو جوان ڏسان ڪون ڏيهه ۾’، سورهيه سنڌيءَ ترتيب ڏئي، 2017ع ۾ ڇپرايو آهي.


لفظ شفيع محمد ڪرناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.01.01  عيسوي

شفيع محمد ڪرناڻي ولد صالح محمد، پهرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ صالح محمد ڪرناڻي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.


2016.04.06  عيسوي

شفيع ڪرناڻي کي 6 اپريل 2016ع تي ٺٽي ۾ مڪليءَ ڀرسان شرپسند عناصرن گوليون هڻي شهيد ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي رحم علي
امبر مهڪ
ڊبليو ايڇ هيولاڪ
عدنان صديقي
خير محمد لغاري
الحاج غلام مصطفيٰ شاهه
گلشير راهو
ڀاوناڻي موهن ديارام
يارو فقيرريڍار
عذرا سرور ڪنڌر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون